Sindh ki qademy tarekh

 سنڌ جي قديم تاريخي رڪ ريلوي اسٽيشن جنھن جو بنياد 1898 تي پيو. جنهن کي تقريبن 122 سال گذري چڪا آهن. ھن ريلوي اسٽيشن تي  راڳي امر  ڀڳت ڪنور رام کي جانو جلباڻي نالي هڪ شخص 01 نومبر 1939 ۾  منھن ڀرڻ واري بندوق سان قتل ڪري اَمر  ڪيو ھو. ان المناڪ واقعي جي ڪري رڪ ريلوي اسٽيشن کي تاريخي ماڳ ھجڻ جي حيثيت پڻ حاصل آهي. اسين توهان کي اهو به ٻڌائيندا ھلون ته راڳي امر ڀڳت ڪنور رام 01 اپريل 1885 عيسوي ۾ گھوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جروار ۾ پيدا ٿيو ھي ھڪ صوفي صفت ۽ انسان دوست ماڻهو ھو. ھن جي مُڌَر آواز ۾ ايتري ته مٺاس ھئي جو ھن جو راڳ ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪھي ايندا ھئا. ھن کي جيڪا راڳ ۽ ڀڳتن جي ذريعي جيڪا گھور ملندي ھئي. اھا ھي بنا ڪنهن مذهب ۽ مت ڀيد جي فرق ڪرڻ بجاءِ مسڪينن ۽ ضرورت مندن ۾   تقسیم ڪري ڇڏيندو هو. ڳوٺ  رڪ جي وڏڙن کان اھو به ٻڌو ھو ته جڏهن راڳي امر ڀڳت ڪنور رام کي قتل ڪيو ويو. ان وقت ھو پنھجي ڳوٺ کان مانجھند مرشد جي ميلي تي ويل ھو ۽ اتان ٽرين جي ذريعي جڏهن واپس اچي رھيو ھو ته جانو جلباڻي نالي هڪ شخص جيڪو رتوديرو جو رھواسي ھو. انھيءَ شخص ھن جو پيڇو ڪري رڪ جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي قتل ڪيو. ان وقت ھندو مسلم فساد چوٽ تي چڙھيل ھئا. انھيءَ فسادن جي دز ۾ ھن صوفي صفت انسان کي قتل ڪيو ويو هو. ھاڻي اچو ته رڪ ريلوي اسٽيشن جي باقي تاريخ تي نظر وجھون. ھن ريلوي اسٽيشن جي عمارت تي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ھي اکر اڪريل آھن.( IVSR )(KSR)  ساڄي پاسي جي اکرن جو مطلب (انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي) ۽ کاٻي پاسي جي اکرن جو مطلب (ڪلات اسٽيٽ ريلوي) آهي.انھن اکرن مان صاف ظاهر آهي ته رڪ ريلوي اسٽيشن جنڪشن ھجڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڻج واپار جو مرڪز پڻ رھي آھي. ان وقت ۾ رڪ ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسن کان گولڊ ۽ ململ جي ڪپڙي جي دڪانن جون بازارون پڻ موجود ھيون. 1942 ۾ سنڌو درياءَ جي ٻوڏ کان پوءِ رڪ ريلوي اسٽيشن جو ٽريڪ مڪمل طور تباھ ٿي ويو. ھن ريلوي کي جنڪشن ختم ڪري حبيب ڪوٽ ريلوي اسٽيشن کي جنڪشن بڻايو ويو.

رڪ ريلوي اسٽيشن تي شاعر، اديب، سياسي ۽سماجي شخصيتون پڻ اچي چڪيون آهن ڪجھ اھم شخصيتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.

1.حضرت سورھيه بادشاھ رحمته ﷲ

2.حضرت تاج محمود شاہ امروٽي رحمتهﷲ

3.مولانا عبيدﷲ سنڌي

4.سائين جي - ايم سيد

5.ذوالفقار علي ڀٽو

6.عاصمه جھانگير(HRCP Pakistan)

7.ابرھيم جو يو

8.تاج جو يو

9.ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

10.پروفيسر اعجاز قريشي

11.ادل سومرو

12.اياز گل

13. جاويد قاضي

14.ڊاڪٽر قاضي منظر حيات

15.ساگر محمد حسين مھر

16.آصف اقبال انصاري (Producer PTV Karachi) 

17.غلام مصطفيٰ سولنگي(Producer PTV Karachi)

18.نثار کوکر (روزانو ڪاوش)

19.سرڪش سڌايو

20.عبدالرزاق بروھي

21.رضا علي عابدي(B. B. C.Landon) جو نمائندو

22. ڏاڍو طريل ابڙو

23.شوڪت علي ابڙو

24.ڪامريڊ عبدالرؤف کوسو

25.ايم - بي سومرو

26.پنھل ساريو

27.مھر حفيظ عالم "راھي" 

28.رحيم داد راھي سومرو

29.گوھر سنڌي

30.سارنگ حسين بخش مھر

31.شائستہ بلوچ  (اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن)

32.عبدالحسيب ڀرڳڙي (D. S ريلوي پاڪستان سکھر

33.قمرالدين قمر کوسو

34.محمد ڇٽل چانگ

35.محمد فاضل خشڪ

36.وڏيرو سونا خان رڪ ۽ ٻيا وغيره وغيره 

رضا علي عابدي رڪ ريلوي اسٽيشن تي ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي جيڪا PTV تي نشر ڪئي وئي. ۽ رضا علي عابدي پنهنجي ڪتاب (ریل کی کھانی کتاب-سفر نامو) ۾ رڪ ريلوي اسٽيشن جو باب پڻ لکيو.

رڪ ريلوي اسٽيشن تي سنڌي فلمون (اباڻا) ۽ (ڀڳت ڪنور رام) پڻ فلمايل آھن.

رڪ ريلوي اسٽيشن جو مٺو ۽ ٿڌو پاڻي ھجڻ ڪري ٻہ وڏا واٽر پمپ لڳايا ويا. ھتان جو پاڻي واٽر ٽرين جي ذريعي سيوهڻ، جيڪب آباد، ۽ سبي بلوچستان تائين اماڻيو وڃي ٿو.

رڪ ريلوي اسٽيشن جي عمارت ۽ ھڪ سو سال پراڻا وڻ ھن اسٽيشن جي تاريخي ماڳ ھجڻ جي شاھدي ڏئي رهيا آهن. رڪ ريلوي اسٽيشن01 نومبر تي امر ڀڳت ڪنور رام جي ياد   ۾ (رواداري) ۽ امر ڀڳت ڪنور رام يادگار ڪميٽي شڪارپور طرفان ورسي جا پروگرام پڻ ڪرايا ويندا آهن جنهن ۾ ھندو ڪميونٽي جي ماڻهن سان گڏوگڏ سڄي سنڌ جا شاعر اديب سياسي سماجي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪري سوين ڏيئا ٻاري راڳي امر ڀڳت ڪنور رام کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن.

Post a Comment

If you have any doubts.please let me know

Previous Post Next Post