(سنڌ جو مقدمو)

 وفاق جي ڏاڍ اڳيان سنڌ جي وڃائجي ويل مزاحمت جا سبب ڪھڙا آھن 


(سنڌ جو مقدمو) 


تحرير۔۔۔فرحان لاڙڪ 


اڄ کان پندرانھن ويھ سال پھرين سنڌ جي سياسي توڙي سڄاڻ ڌرين ۾ جڏھن به ڪا ناانصافي وفاق طرفان يا سنڌ دشمن رٿائن خلاف جيڪا مزاحمت نظر ايندي ھئي جيڪا حقيقي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ روايت رھي آھي ، اھا اڄڪلھ نه ھئڻ جي برابر رھي آھي مستقل مزاجي ڊگھي ۽ اڻانگي جدوجھد به ناھي رھي تازو جيڪو وفاق طرفان سنڌ جا 16000ھزار ملازم برطرف ڪيا ويا ۽ پاڻيء جي کوٽ زمينن تي والار ۽ افغانين جي سنڌ ۾  آبادڪاريء خلاف به اھا مزاحمت نظر ڪون آئي جنھن روايت جي سنڌ امين رھي آھي  سواء  قومي عوامي تحريڪ جي ڪا به پارٽي يا ڪوبه برادريء وارو اتحاد ميدان عمل ۾ نظر ڪون آيو، مسلسل ھڪ مھينو سموري سنڌ ۾ اياز لطيف پليجو جي قومي عوامي تحريڪ  احتجاجي مظاھرا بک ھڙتالون ريليون ڪندي نظر آئي ۽ ھڪ شاندار مثال بڻجي وئي بغير ڪنھن فنڊنگ جي مستقل مزاج بڻجي ھڪ تاريخ رقم ڪيائون ، پر جي ٻيون ڌريون ۽ اھي برادرين جا اتحاد به ان جدوجھد کي قومي فرض سمجھي پنھنجو حصو وجھن ھا سوچيو ته صحيح ڪيترا سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگھن ھا ائين ئي پاڻ جڏھن سنڌ جي تاريخي مزاحمتي ڪردارن تي نظر وجھنداسين ۽ وري جڏھن تاريخ جي پنن کي پڙھون ٿا ته وڏا ، وڏا ڪردار نظر ايندا جن پنھنجي ڌرتيء جي حفاظت ۽ بقاء خاطر ڀرپور مزاحمت ڪئي جن ۾  ، ھيمون ڪالاڻي،ھوش محمد شيدي ، دولھ درياھ خان، شھيد شاھ عنايت ، روپلو ڪولھي، دودو سومرو، ۽  ٻاگھل،۽ ٻين انيڪ سنڌ جي عاشقن پنھنجون جانيون ڏنيون انھن جي لاء ڌرتي ۽ انجي بقاء اول ۽ آخر حق ۽ باطل جي وچ ۾ جنگ ھئي ۽ پوء اھي پنھنجي ڌرتيء جي حقن بقاء ۽ حفاظت جي خاطر مزاحمت ڪندي شھيد ٿي ويا ۽ پنھنجو فرض نڀائي ويا اھي سڀ ماڻھون ڪنھن نه ڪنھن ذات برادري سان لاڳاپيل ھئا ، پر انھن پنھنجي ذاتين کي پاسي رکي ڊگھي نظر رکندي بنا ڪنھن خوف جي رڳو پنھنجي ڌرتي ۽ قوم کي سامھون رکي مزاحمت ڪئي ۽ شھادت جو جام پي ڪري سرخرو ٿيا ۽ تاريخ جي پنن ۾ ھو اڄ به زندھ رھندا اچن ٿا فقط پنھنجي ڌرتيء سان وفادار رھڻ جي ڪري اڄ ڏينھن تائين ھو اسانکي ياد آھن ۽ انھن کي اسان ياد ڪري فخر محسوس ڪندا آھيون ته اھي اسانجا ھيروز آھن ، مزاحمت للڪار واري مزاحمت رڪاوٽ واري مزاحمت پرامن جدوجھد واري بغير ڪنھنکي نقصان ڏيڻ واري مزاحمت ڪيو پنھنجي حقن جي لاء آواز اٿاريو جيئن شاھ سائين چوي ٿو 


وڍيل ٿي وايون ڪرين 

، ڪٺيل ڪوڪارين 


 سن 2000 ھزار کان پوء گھڻي ڀاڱي سنڌ ۾ ذاتين يا برادرين جي اتحادن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ بدسمتيء سان اڄ ڏينھن تائين ھلندو اچي ٿو انھن برادرين جي اتحادن سنڌي جي مزاحمت واري روايت کي گھڻو نقصان رسايو آھي ھڪ ته پھرين ئي سنڌ کي وڏيرن پيرن ۽ ميرن جيڪو نقصان رسايو آھي جنھنجو اضالو اڃان تائين ڪون ٿيو آھي ۽ وري ، مٿان ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت انھن اتحادن کي ھٿي ڏياري اڳتي آندو ويو آھي انھن برادري اتحادن جي ڪري اسان قومي مفاد کان ھٽجي ويا آھيون ۽ پنھنجي برادري جي چڱي مڙس جي چوڻ ۾ اچي ذاتي مفادن کي اھميت ڏيئي رھيا آھيون پنھنجي برادري کي ئي قوم سمجھي رھيا آھيون ۽ اھي اسانجا چڱا مڙس وري پيپلزپارٽي سان پنھنجو ۽ پنھنجي برادريء جي ضمير جو سودو ڪري پنھنجا ننڍڙا مفاد حاصل ڪن ٿا ۽ اسان پنھنجي برادري جي ان چڱي مڙس جا پيا گڻ ڳائينداسين قوم وڃي ڀلي تباھيء ڏانھن تعليم جي تباھي ٿي اسپتالن جو نظام خراب ھجي روڊ رستا ڀل جان ٽٽل ھجن پيا گٽر اٿلن ۽ گندگي ڦھلجي پاڻيء تي ڌاڙو ڀل لڳي زمينون ڀل جان وڃن کسجي ڀلي اقليت ۾ بدلجي وڃون وفاق سنڌ سان ناانصافي ڪري ميرٽ تباھ ھجي ڪرپشن عروج تي ھجي ڀل جان پيپلزپارٽي سڄي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي ، اسان مزاحمت ڪون ڪنداسين اسان آواز ڪون اٿارينداسين جيسين اسانکي اسانجي برادريء جو چڱو مڙس ڪون چوندو اسان ڪون چرنداسين اسانکي سڀ ڪجھ ملي ٿو ڇا جي قوم ڇا جو قومي مفاد جڏھن انھن اتحادن جي مدد سان انھن جي جي چڱي مڙس جو مفاد برادري مفاد بڻجي وڃي ٿو ۽ ھو انھن کي استعمال ڪري ٿو ۽ وري ھو استعمال ٿين ٿا انھن کان قومي اجتماعيت وسري وئي آھي ۽ جي ياد آھي به، تڏھن به ھو ان کان لاتعلقي ظاھر ڪن ٿا جيئن  ڪنھن اردو جي شاعر جو چوڻ آھي ته 

متحد ہو تو بدل ڈالو زمانے کا نظام،منتشر ہو تو مرو،شور مچاتے کیوں ہو


سو چوڻ جو مقصد ته جڏھن اسان پنھنجي قومي اجتماعي مفادن کي ڇڏي ذاتي ۽ برادري مفادن کي ترجيح ڏينداسين ته پوء پنھنجي حقن کان به محروم ٿينداسين اقليت ۾ به تبديل ٿينداسين ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل به تباھ ڪنداسين ڇا ڪاڻ جو ھن وقت سنڌ انتھائي ڏکي حالتن مان گذري رھي آھي ۽ سنڌ کي گڏيل ۽ مظبوت مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت آھي جيئن تاريخ گواھ آھي ته سنڌ ھميشھ مزاحمت ڪندي آئي آھي پنھنجي بقاء ۽ حفاظت خاطر سو اچو ته پنھنجي ننڍڙن مفادن کي ڇڏي ڪري پنھجي ڌرتي پنھنجي مارن پنھنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائڻ خاطر قومي ٻڌيء ۽ جو ثبوت ڏيندي سنڌ جي مزاحمت واري روايت کي برقرار رکندي پنھنجي حقن خاطر انھن عارضي اتحادن مان جان ڇڏايون ۽ مستقل مزاج ٿي پنھنجي قوم وطن ۽ ڌرتيء خاطر ترقي پسند ڌرين سان گڏ بھي سياست ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي قومي ھيروز جيان ڪردار ادا ڪيون ۽ سنڌ سان وفادار رھڻ جو وچن ڪيون ته جيئن تاريخ ۾ اسان به سرخرو بڻجي سگھون 


farhanlarikqat744@gmail.com

Post a Comment

If you have any doubts.please let me know

Previous Post Next Post