۔۔۔فرحان لاڙڪ

سياست ۾ مذھب ڪارڊ جو استعمال 


تحرير۔۔۔فرحان لاڙڪ 



سياست ۽ مذھب ٻئي الڳ،الڳ شيون آھن ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ، پر بدقسمتيء سان پاڪستان ۽ ھندستان جي جھڙي ملڪن ۾ بظاھر ته اھي ٻئي شيون الڳ آھن پر جڏھن ڪي ملڪي ليول جا معاملا يا مخالفن کان ڪا ڳالھ مڃرائڻي ھوندي آھي ته اسان مذھب ڪارڊ جو استعمال ڪري پنھنجا مفاد حاصل ڪندا آھيون يا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ، پاڪستان ۾ ھڪ پابندي مڙھيل تنظيم Tlp جي طرفان 2017 کان 2021 تائين ٽوٽل 6 ڌرڻا لڳايا ويا ھڪ حيران ڪندڙ ڳالھ اھا به آھي ته اھا تنظيم ڪيئن ٺھي ۽ ايترو جلدي اڳتي ڪيئن آئي ۽ مقبول ٿي وئي ته يقينن ھڪ مذھبي  نعرو ۽ ٻيو اھي ساڳيا ئي ھٿ ان تنظيم جي پٺيان نظر ايندا جن ماضيء ۾ ان مذھب ڪارڊ جو استعمال ڪري فائدا حاصل ڪيا نه ته ڪئي اھڙيون ٻيون پارٽيون به پاڪستان ۾ موجود آھن جيڪي حقيقي معني ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي ماتحت رھي ڪري برابري عدل ۽ انصاف ۽ 1940 واري قرارداد جي روح جي  مطابق قائداعظم وارو پاڪستان چاھين ٿيون جيڪي بغير ڪنھن سھاري جي گذريل 40 سالن کان پنھنجي منشور تحت ۽ محدود مالي وسائل جي تحت ھنن کان جيترو پڄي ٿو اھي ڪم ڪري رھيون آھن اھي اڃان تائين ايتريون مقبول ڪون ٿي سگھيون آھن انھن جي ڳالھ عام انسان جي فائيدي واري ھجڻ جي باوجود اھي اسيمبلين تائين ڪون پھچي سگھيا آھن ڇاڪاڻ جو ھو پنھنجي محنت تحت اڳتي اچڻ چاھين ٿيون ۽ بغير ڪنھن سھاري جي ته چوڻ جو مقصد جيڪي پارٽيون راتو رات ٺھنديون آھن ۽ جلد مقبول ٿينديون آھن اھي مقبول ڪرايون وينديون اھڙين پارٽين جا خالق ۽ مالڪ اھي ئي ھٿ ھوندا آھن ۽ انھن کي پالي وڏو ڪري پنھنجا مقصد حاصل ڪندا آھن ۽ جڏھن وري اھڙيون تنظيمون وڌي وڻ ٿي وينديون آھن ۽ پنھنجي آقائن کي ڳچيء ۾ ھٿ وجھنديون آھن ته پوء انھن جا خالڪ ۽ مالڪ انھن کي انھن جي اوقات ياد ڏياريندا آھن 


ھڪ ھفتو پھرين ھڪ سينئير صحافي بلال غوري عجيب ڳالھ ڪئي جيڪا حيرت ۾ وجھي ڇڏي ٿي ۽ سوڻ تي مجبور ڪري ٿي اھا ڳالھ ته مذھب ڪارڊ ھميشھ چيو وڃي ٿو ته اسٽيبليشمينٽ استعمال ڪندي آئي آھي اھا حقيقت به آھي مون پنھنجي گذريل مضمون ۾ سول ۽ ملٽري تعلقاتن جي ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪيو ھو اھو ڇڪتاڻ اصل وجھ آھي گذريل رات پابندي مڙھيل تنظيم سان معاھدو ڪيو ويو اھو سڄو سارو ڊرامو ھو جيڪو سينئير صحافي بلال غوري ھڪ ھفتو پھرين جيڪا ڳالھ ڪئي ته ھڪ اھم اداري کي عمران خان طرفان ڌرڻي جي صورت ۾  پيغام ۽ پنھنجي طاقت ڏيکاري وئي ته اسان ھيئن به ڪري سگھون ٿا يعني ھي جيڪو ڌرڻو ھو اھو حڪومت جي سرپرستي ۾ لڳل ھو اوھانکي ياد ھوندو ته ويجھي ماضيء ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي آرمي چيف  نامزد ٿيڻ وقت به اعتراض ڪيو ويو ھو ۽ ان جي خلاف ھڪ مھم ھلائي وئي ۽ مذھب ڪارڊ جو استعمال ڪيو ويو ۽  پوء مجبور ٿي آرمي چيف پنھنجي گھر ۾ محفل ميلاد ڪرايو ۽ انجون تصويرون به سوشل ميڊيا يا ميڊيا تي ڏيکاريون ويون ته اسان عقيدت پسند آھيون ۽ اسانکي به حضور صلعم جن جي ناموس سان محبت آھي اھو انجي ڪري جو انوقت اداري جي خلاف ڌرڻو لڳايو ويو ۽ انھن کي مذھب ڪارڊ جي وسيلي پيغام ڏنو ويو ۽ اوھان وري اھو به ڏٺو ته وزيراعظم ھائوس طرفان ميلاد ڪانفرنس ڪرائي وئي ۽ مذھبي تنظيم کي پيغام ڏنو ويو ته اسان اوھان سان گڏ آھيون اسان فرانس جي سفير واري معاملي ۾ ۽ سعد رضوي کي بند رکڻ جي حق ۾ ناھيون سو چوڻ جو مقصد ته ھميشھ مذھب ڪارڊ سول حڪومتن جي خلاف استعمال ٿيندو رھيو آھي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سول حڪومت اداريجي خلاف مذغھب ڪارڊ کي استعمال ڪيو ھاڻي انجا نتيجا ڪھڙا ٿا نڪرن پر ان لڳل ڌرڻي مان اھا ڳالھ واضح ته ٿي آھي ته عمران حڪومت جي آشرواڌ سان مذھب ڪارڊ استعمال ٿيو ڇا ڪاڻ جو 29 تاريخ واري اجلاس ۾ ۽ اجلاس کانپوء عمران خان ۽ شيخ رشيد سميت سموري حڪومت جا اھم ماڻھو اھو پيا چون ته حڪومت جي رٽ کي جيڪو چيلينج ڪندو ان چاھي اھو ڪو گروپ يا تنظيم ئي ھجي اسان ان سان سختي سان پيش اينداسين گذريل رات معاھدي سڀ ڪجھ ظاھر ڪري ڇڏيو پوليس وارن جون شھادتون ماڻھن جي دڪانن ۽ گاڏين کي باھيون اربين رپين جو مالي نقصان بس سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويو ڇو جو حڪومت ڪنھن حد تائين پنھنجو پاڻ کي بچائي وئي آھي مذھب ڪارڊ جي استعمال ڪرڻ کانپوء ۽ خوش ٿي رھيا آھن ته پنھنجي منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويا آھيون ، پر پي ٽي آئي حڪومت يا انجي ماڻھن کي شيد  خبر ئي ڪونھي ته استاد ھميشھ پنھنجي شاگرد کي اھو سڀ ڪجھ سيکارڻ جي باوجود ھڪ اھڙو گر پنھنجو پاڻ وٽ رکندو آھي ۽ چوندو آھي ته جنھن ڏينھن ھن مونکي ڪٽڻ جي يا منھنجي خلاف وڃڻ جي سازش ڪئي ان ڏينھن ان گر جو استعمال اھو انجو استاد ڪندو آھي ۽ پنھنجي شاگرد کي سبق سيکاريندو آھي ۽ پوء شاگرد شرم کان ڪنڌ جھڪائيندو آھي ته مان پنھنجي استاد جي خلاف ڇو ويس اھو ھاڻي وقت تي ٿا ڇڏيئون! جيسيتائين ھن ملڪ ۾ مذھب ۽ سياست کي الڳ نه ڪيو ويندو تيسيتائين ھن ملڪ جو عوام اھڙين چالبازين جي ڪري معاشي ۽ بھترين حڪمراني جي بحران جو شڪار ٿيندو رھندو 


farhanlarikqat744@gmail.com

Post a Comment

If you have any doubts.please let me know

Previous Post Next Post