Sindho Drya wakro

 حيدرآباد ۾ سنڌو درياھ جو وڪرو، لکين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي سازش!


سنڌ واسيو! 

حڪمرانن لاء اقتدار ۽ ڪرپٽ ڪامورن لاء ڪرسي ڪروڙين روپيا ڪمائڻ جو رستو آھي۔ ھنن سڀ کان پھرين پنھنجا ضمير وڪڻي ڇڏيا ۽ ھاڻ ڌرتي، ثقافتي ماڳ، درياھ، سمنڊ، ٻيٽ، ڪوھستان، ڪارونجھر، گنجو ٽڪر وڪڻي رھيا آھن۔  


سنڌ واسيو!

حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد ۾ قديمي ماڳ گنجو ٽڪر کي غير قانوني مسمار ڪري ھيوي ڊمپرس ذريعي ان جي مٽي کڻي سنڌو درياھ جي ڪچي ۾ پاڻي جي قدرتي گذرگاھ فلڊ زون کي بند ڪيو ويو آھي۔


سنڌ واسيو!

ڪجھ سالن جي وقفي بعد ھر دفعي سڄي ملڪ ۾ شديد برساتون ٿين ٿيون ۽ سنڌو درياھ تارو تار وھي موجن ۾ اچي ٿو، ائين صدين کان ٿي رھيو آھي۔ انڪري ھاڻ جڏھن انڊس رور سسٽم ۾ لکين ڪيوسڪ پاڻي ايندو ۽ سنڌ درياھ ۾ ٻوڏ آئي ته حيدرآباد ۾ پاڻي جي قدرتي گذر گاھ فلڊ زون بند ھجڻ ڪري لطيف آباد کان مٿي درياھ جي ڪمزور بند کي گھارو پئجي سگھي ٿو ۽ پوء معصوم ماڻھو ھٿرادو ٻوڏ ۾ قتل ٿي ويندا ۽ انھن جون اربين روپين جون ملڪيتون تباھ ٿي وينديون۔ جيئن 2010ع ۾ حڪمرانن جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي بچائڻ لاء اڌ سنڌ کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻوڙي لکين ماڻھن کي دربدر ڪيو ويو۔


سنڌ واسيو! 

حيدرآباد ۾ اڳ ۾ پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊيو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل عارف بلڊر ۽ ٻي بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪئي ۽ ھاڻ نيب جي ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث آبپاشي وزير ڄام خان شوري جو ساٿي پ پ ايم پي اي جبار خان ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪنور نويد جو ڀائٽيو واسع بلڊر مافيا جا سرپرست ٿي سنڌو درياھ جي فلڊ زون کي وڪرو ڪندڙ بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري انھن جا ڪاري ڪاروبار ۾ ڳجھا حصيدار ٿي مال ڪمائي رھيا آھن۔ 


سنڌ واسيو!

عدالت درياھ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جا حڪم ڏئي چڪي آھي پر ڪامورا ڪروڙين روپيا رشوت وٺي خاموش آھن۔ آبپاشي کاتو گم آھي۔ ڦليلي بند ڊويزن بدين، سب ڊويزن حيدرآباد، ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، اي سي لطيف آباد کي سنڌو درياھ جي زمين تي ڌاڙو نظر نٿو اچي۔ 


سنڌو جا وارثو!

اچو ته لکين ماڻھن کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻوڙي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاء احتجاجي آواز بلند ڪري ۽ ھن پوسٽ کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري انساني ۽ قومي ڪردار ادا ڪريون!


اچو ته سنڌو درياھ جي فلڊ زون کي قبضو ٿيڻ کان بچايون!


اچو ته سنڌو درياھ کي بي ضمير حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪرپشن کان بچايون!


سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ کي اپيل آھي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو آھي ته حيدرآباد ۾ فلڊ زون جي ھزارين ايڪڙ زمين تي قبضا بند ڪرايا وڃن۔ سنڌو درياھ جي ڪچي ۾ ھائوسنگ اسڪيمن جي سازش بند ڪئي وڃي۔ پاڻي جي قدرتي گذر گاھ کي آزاد 

Post a Comment

If you have any doubts.please let me know

Previous Post Next Post