Purry bartanya me

 پوري برطانيا ۾ (لوري ڊرائيورس) ٽرڪ ڊرائيورن جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، برطانوي سرڪار هنگامي بنيادن تي ويزا جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. ياد رهي ته پهرين آڪٽوبر کان يورپي ڊرائيورن ۽ شهرين کي يوڪي ۾ فري اينٽري بند ٿي ويندي. 

بريڪسٽ جي ڪري يورپي ڊرائيور پنهنجن ملڪن ڏانهن روانا ٿيڻ سبب اهو بحران پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب پوري برطانيا ۾ پئٽرول ۽ گروسري پهچائڻ لاءِ ڊرائيورن جي سخت گهرج پيدا ٿي آهي. پئٽرول پمپن تي پئٽرول شارٽ آهي.

انهن ڊرائيورن جي بيسڪ پگهار 5  هزار رپيا ڪلاڪ جي حساب سان جڏهن ته هر ڪلاڪ ۾ اضافي بونس علاوه آهن. جيڪڏهن اوور ٽائيم هجي ته ان جو في ڪلاڪ 10 هزار في ڪلاڪ.

ان سلسلي پرڏيهي ڊرائيورن کي ويزا جاري ڪيا پيا وڃن. جن مان ڀارت مان هزارين سک اچي رهيا آهن.

جڏهن ته انهن ڊرائيورن جي گهرج هاڻي ايشيائي باشندا پوري ڪندا. اهي نوڪريون لکن جي تعداد ۾ آهن. جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ڀرتيون هلنديون رهنديون. 

سنڌي نوجوانن کي برطانوي لوري ڪمپنيز ۾ آن لائن اپلائي ڪرڻ گهرجي. ياد رهي انهي ويزا ۾ فيملي پاڻ سان گڏ آڻ جي اجازت به آهي. جيڪڏهن ڪو دوست سنجيدگي سان ويزا اپلائي ڪندو ته مون سميت سموري يوڪي جا سنڌي مالي اخلاقي ۽ هر طرح جي مدد لاءِ تيار آهيون. لنڪ ان باڪس ۾ مان ڏئي سگهان ٿو.

پوسٽ شيئر ضرور ڪجو جيئن ڪو سنڌي دوست روزگار سان لڳي پوي

https://crawfords.co.uk/work-for-crawfords/?gclid=Cj0KCQjw18WKBhCUARIsAFiW7JwuZlxytp7R0NJpUrgyKoLO0EctJaPR-KdXeaw-FNEp3H23sbqyKvsaAkkGEALw_wcB

Post a Comment

If you have any doubts.please let me know

Previous Post Next Post